
- الرئيسية
- باكستان
- گذريل ٽن سالن دوران وزيراعظم شڪايت سيل کي 2 لک 46 هزار 835 مختلف نوعيت جون درخواستون مليون: شيخ آفتاب احمد
گذريل ٽن سالن دوران وزيراعظم شڪايت سيل کي 2 لک 46 هزار 835 مختلف نوعيت جون درخواستون مليون: شيخ آفتاب احمد
فیضان هاشمي 9 سنة قبل الخميس سبتمبر | م

اسلام آباد ( أردو بوینت نتورك ۔ یکم سبتمبر 2016ء) پارلياماني معاملن جي وفاقي وزير ۽ وزيراعظم شڪايت سيل جي انچارج شيخ آفتاب احمد چيو آهي ته گذريل ٽن سالن دوران وزيراعظم شڪايت سيل کي 2 لک 46 هزار 835 مختلف نوعيت جون درخواستون مليون هيون جن ۾ 60 سيڪڙو ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪيو ويو آهي، هلندڙ سال بون ميرو ليور ٽرانسپلانٽ جي لاءِ 25 غريب مريضن کي علاج جي لاءِ 7 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا جڏهن ته وزيراعظم شڪايت سيل کي 10 ڪروڙ مان وڌائي 30 ڪروڙ رپيا ڪري ڇڏيو آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن پارلياماني معاملن واري وزارت ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم وزيراعظم شڪايت سيل جي ذميواري منهنجي حوالي ڪئي آهي.
وزيراعظم جي خواهش هئي ته ملڪ جي اندر رهندڙ ماڻهو جن جي انصاف تائين پهچ نه آهي اهي ماڻهو وزيراعظم شڪايت سيل ۾ پنهنجي درخواست ڏين انهن کي فوري انصاف ملي سگهندو.
(تستمر)
وفاقي وزير چيو ته چئني چيف سيڪريٽرين، آءِ جي ۽ هوم سيڪريٽرين سان ان حوالي سان گڏجاڻي ڪري عوامي نوعيت جي مسئلن جي حوالي سان آگاهه ڪيو آهي.
وزيراعظم شڪايت سيل عوامي شڪايتن تي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ چيف ڪمشنرز ۽ چيف سيڪريٽرين کي خط لکندو آهي ۽ عوامي نوعيت جا مسئلا فوري طور تي حل ڪري لاڳاپيل ڊسٽرڪٽ ڪمشنرز فوري طور تي وزيراعظم شڪايت سيل کي آگاهه ڪندا آهن جڏهن ته ان حوالي سان وزيراعظم شڪايت سيل درخواست ڏيندڙ مختلف علائقن جي ماڻهن جا نالا ڪڍي لاڳاپيل ڪمشنرز سان رابطو ڪري معلومات حاصل ڪئي وڃي ٿي.
وفاقي وزير چيو ته غلط معلومات ۽ غلط بياني ڪندڙن جي رپورٽ وزيراعظم ڏانهن موڪلي ويندي آهي. هن چيو ته گذريل ٽن سالن دوران 2 لک 46 هزار 835 ماڻهن مختلف نوعيت جون شڪايتون وزيراعظم شڪايت سيل ڏانهن موڪليون جن مان 60 سيڪڙو درخواستون ڏيندڙن جا مسئلا حل ڪيا ويا آهن جڏهن ته باقي درخواستن تي ڪم جاري آهي جيڪو هلندڙ سال جي آخر ۾ مڪمل ڪيو ويندو.
وفاقي وزير چيو ته پاڪستان بيت المال سان غريب ماڻهن جي مدد لاءِ ون ونڊو آپريشن شروع ڪيو جنهن ۾ 6 هزار رپين جي فوري مالي امداد جي لاءِ فارم ڀري ون ونڊو آپريشن ۾ جمع ڪيو وڃي ٿو جنهن تي 36 ڪلاڪن ۾ عملدرآمد ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته هلندڙ سال بون ميرو ليور ٽرانسپلانٽ جي بيماري ۾ مبتلا 25 مريضن کي علاج جي لاءِ 7 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا آهن جڏهن ته گذريل ٽن سالن دوران 234 مريضن جو علاج ڪرايو ويو آهي.
وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شڪايت سيل جو فنڊ 10 ڪروڙ رپيا هو جنهن کي وزيراعظم وڌائي 30 ڪروڙ رپيا ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن غريب ۽ مستحق ماڻهن جي مالي مدد ۽ علاج کي جاري رکي سگهجي.
المزيد من المقالات

رئيس الدولة ورئيس الوزراء الألباني يبحثان علاقات البلدين

زلزال بقوة 7.3 يضرب ألاسكا الأمريكية

أوروبا تفقد 171 ألف سرير مستشفى خلال عقد واحد

مصرع 20 شخصا بهجوم مسلح في نيجيريا

البحرين والولايات المتحدة توقعان اتفاقية للتعاون في مجال الطاقة النووية السلمية

غوتيريش يدين العنف في السويداء والغارات الإسرائيلية .. ويدعو لخفض فوري للتصعيد
الفئات
مقالات متعلقة -

رئيس الدولة ورئيس الوزراء الألباني يبحثان علاقات البلدين

زلزال بقوة 7.3 يضرب ألاسكا الأمريكية

أوروبا تفقد 171 ألف سرير مستشفى خلال عقد واحد

مصرع 20 شخصا بهجوم مسلح في نيجيريا

البحرين والولايات المتحدة توقعان اتفاقية للتعاون في مجال الطاقة النووية السلمية

غوتيريش يدين العنف في السويداء والغارات الإسرائيلية .. ويدعو لخفض فوري للتصعيد

طفرة في الادخار الرسمي بالدول النامية بفضل تكنولوجيا الهاتف المحمول

المفوضية الأوروبية تقترح موازنة بـ 2 تريليون يورو للعقد القادم

مجلس الأمن يناقش سبل إحياء آليات الحل السلمي للنزاعات

"الإحصاء النمساوية" : أكثر من ربع سكان النمسا من أصول مهاجرة

الجامعة العربية تدين الغارات الإسرائيلية على سوريا

صناعة السيارات الأوروبية تحقق قيمة مضافة بـ 91.6 مليار يورو من الصادرات في 2023
حقوق الطبع والنشر من قبل أردو بوینت نتورك - © 1997 - 2018. جميع الحقوق محفوظة