عمران خان سياست نه پاڪستان سان خيانت ڪري رهيو آهي: وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد

(@FahadShabbir)

عمران خان سياست نه پاڪستان سان خيانت ڪري رهيو آهي: وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد

ڀورڀن ( أردو بوینت نتورك‎‎‎ ۔ یکم سبتمبر 2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان سياست نه پاڪستان سان خيانت ڪري رهيو آهي، 3 تاريخ جو ڌرڻو هڻندڙ پرويز مشرف جو احتساب ڇو نه ٿا ڪن، پرويز مشرف وطن فروشي ڪري جيڪو پئسو آندو ان جو حساب ڪير وٺندو، اسان ڪنهن جي مينڊيٽ جي رستي ۾ رڪاوٽ نه وڌي، اسان 2013ع جي چونڊن جي نتيجن کي تسليم ڪيو ۽ جنهن کي جتي اڪثريت ملي ان کي حڪومت ڪرڻ جو حق ڏنو، رستن تي سياست ڪندڙ هڪ سال اڃا انتظار ڪن، 2018ع جي چونڊن ۾ عوام ووٽ ذريعي احتساب ڪندو، 2018ع جون چونڊون سچ ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي وڙهيون وينديون، مخالف جي سوچ منفي آهي، عوام کي سدائين بربادي جا قصا ٻڌائين ٿا، اهي رستن تي احتجاج ڪن ٿا، اسان رستا ٺاهيندا رهنداسين، راولپنڊي جو هڪ شخص ڪهڙي اختيار تحت 20 ڪروڙ عوام جي چونڊيل حڪومت کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو.

(تستمر)

ڪالهه خميس ڏينهن آل پاڪستان اخبار فروش فيڊريشن جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وزير چيو ته اسان کي وڌيڪ ترقي ۽ امن گهرجي.

هن چيو ته 2013ع ۾ جڏهن وزيراعظم نواز شريف کي حڪومت ڏني وئي ته ان وقت پاڪستان ۾ دهشتگردي، بجلي جي کوٽ، تعليم ۽ صحت جهڙا مسئلا درپيش هئا.

هن چيو ته اسان جي پاڙيسري ملڪن تيز رفتار ترقي ڪئي جڏهن ته پاڪستان ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هو ۽ هيٺ وڃي رهيو هو. هن چيو ته 2013ع جي ڀيٽ ۾ اڄ جو پاڪستان بهتر آهي، ملڪ ۾ بجلي جا ڪارخانا لڳي رهيا آهن، ميگا پراجيڪٽس ۽ ترقياتي منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي.

هن چيو ته پاڪستان کي ٻيهر عدم استحڪام ۾ وجهڻ وارا ڇا وزيراعظم نواز شريف کي ترقي جي سزا ڏيڻ چاهين ٿا. وفاقي وزير چيو ته 2013ع ۾ برباد پاڪستان ڏنو ويو جنهن بربادي ڪئي ان کي سليوٽ ڪيو ويو.

هن چيو ته نواز شريف کان احتساب جي ڳالهه ڪندڙ پرويز مشرف کان احتساب جي ڳالهه ڇو نه ٿا ڪن جنهن افغانستان جي جنگ وڙهڻ جي لاءِ اربين ڊالر ورتا، پاڪستان جي سرزمين گروي رکي ۽ پاڪستان جا هوائي اڏا ڏنا .

هن چيو ته پرويز مشرف کي ملڪ وڪرو ڪرڻ جي عيوض پئسو مليو ان جو احتساب ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان مفاهمت جي سياست ڪئي ته اسان کي طعنيٰ مليا.

هن چيو ته 2013ع جي چونڊ نتيجن کي اسان تسليم ڪيو ۽ جنهن جي جتي اڪثريت هئي اتي حڪومت ڪرڻ جو هق ڏنو ويو. هن چيو ته اسان ڪنهن جي رستي ۾ رڪاوٽون نه وڌيون پر اسان جي رستي ۾ سدائين رڪاوٽون وڌيون ويون آهن.

هن چيو ته جيتوڻيڪ عمران خان جي پارٽي کي خيبرپختونخواهه ۾ اڪثريت نه هئي ۽ اسان چاهوين ها ته مولانا فضل الرحمان، آفتاب شيرپائو ۽ ٻين پارٽين سان گڏجي حڪومت ٺاهي وٺون ها ۽ عمران خان کي موقعو نه ڏيون ها، پر اسان ائين نه ڪيو، سنڌ ۾ پيپلزپارٽي کي موقعو ڏنو، آزاد ڪشمير ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت کي عدم استحڪام جي ور نه چاڙهيو، بلوچستان ۾ جنهن جي اڪثريت هئي ان کي حڪومت ڏني.

هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف پاڪستان کي امن ۽ استحڪام ۽ خوشحالي ڏني آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ايشيائي خطي ۾ ترقي جي ڊوڙ ۾ اسان پوئتي رهجي وياسين ته اسان جي ٻارن جو مستقبل روشن نه هوندو.

هن چيو ته 2018ع جي چونڊن ۾ پاڪستاني عوام پنهنجي ووٽ وسيلي اسان جو احتساب ڪندي، جيڪڏهن اسان کان غلطيون ٿيون آهن ته اسان جو احتساب ڪندي ۽ جيڪڏهن اسان سٺا ڪم ڪيا آهن ته اسان کي انعام ڏيندي.

هن چيو ته عيد ننڍي هجي يا وڏي، حڪومت ختم ڪرڻ جون پيشنگوئيون ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، راولپنڊي جو هڪ شخص ڪهڙي اختيار تحت 20 ڪروڙ عوام جي چونڊيل حڪومت کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، ان کي فال ڪڍڻ جو ڪنهن چيو آهي.

هن چيو ته 2016ع کانپوءِ ملڪ وڌيڪ مستحڪم ٿيندو ۽ دهشتگردي جو خاتمو ايندو، روزگار جا بهتر موقعا ايندا. هن چيو ته اخبار فروش يونين ۾ جمهوريت آهي، انهن جي جائز مطالبن جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن سان ڳالهايو ويندو.

هن چيو ته هيلٿ انشورنس ۽ اي او بي آءِ جي سٺي اسڪيم آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت غريب ماڻهن جي مدد ڪئي پئي وڃي ۽ ڪابينا جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ان جو هاڻي دائرو وڌايو ويندو.

أفكارك وتعليقاتك